نيويارڪ – 19 ڊسمبر (اي پي پي) ڀارت ۽ پاڪستان ۾ گڏيل قومن جي ملٽري آبزرور گروپ (يو اين ايم او جي آءِ پي) جي نئين مقرر ٿيل سربراهه ميجر جنرل رامون گا??ڊ ڊوسانچيز گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي منير اڪرم سان نيويارڪ ۾ عالمي اداري ۾ پاڪستان مشن ۾ ملاقات ڪئي. يو اين ايم او جي آءِ پي جي سربراهه پنهنجي نئين ذميواري سنڀ??لڻ لاءِ پاڪستان روانگي کان اڳ پاڪستاني نمائندي سان ملاقات ڪئي ۽ پنهنجي گروپ جي مينڊيٽ سان گڏو گڏ ٻين لاجسٽڪ ۽ آپريشنل تفصيلن تي خي??لن جي ڏي وٺ ڪئي. يو اين ايم او جي آءِ پي گڏيل قومن جي قديم ترين مشنز مان هڪ آهي جيڪو جنوري 1949ع ۾ رياست ??مون ڪشمير ۾ ڀارت ۽ پاڪستان وچ ۾ جنگ بندي جي نگراني لاءِ مقرر ڪيو ويو هو. راولپنڊي ۾ قائم اهو گروپ 44 فوجي مبصرن ۽ 75 عالمي سويلين اهلڪارن تي ٻڌل آهي. پاڪستاني نمائندي منير اڪرم يو اين ايم او جي آءِ پي جي سربراهه طور مقرري تي ميڪسيڪو سان تعلق رکندڙ ميجر جنرل رامون گا??ڊ ڊوسانچيز لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.
گڏيل قومن جي ملٽري آبزرور گروپ جي نئين مقرر ٿيل سربراهه پاران پاڪستاني سفير منير اڪرم سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : میگا مولا۔