اسلام آباد – 15 جنوري (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير محمد اسحاق ڊا?? ڪالهه آچ?? ڏينهن 16 کان 31 جنوري 2017ع جي لاءِ پيٽروليم مصنوعات جي نئين قيمتن جو اعلان ڪي?? آهي. هن چيو ته پيٽروليم ۽ قدرتي وسيلن واري وزارت ۽ اوگرا 92 رون پيٽرول جي قيمت ۾ هڪ رپيو 77 پئسا في ليٽر، هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 3 رپيا 94 پئسا في ليٽر، گاسليٽ جي قيمت ۾ 14.13 رپيا ليٽر ۽ لائيٽ ڊيزل جي قيمت ۾ 10 رپيا 11 پئسا في ليٽر جي اضافي جي تجويز ڏني. پريس ڪانفرنس ۾ ناڻي واري وفاقي وزير چيو ته عام ماڻهو کي وڌ کان وڌ رليف ڏيڻ جي وزيراعظم محمد نواز شريف جي هدايت جي روشني ۽ عام ماڻهو پاران گاسليٽ ۽ لائيٽ ڊيزل آئل جي وڌيڪ استعمال سبب انهن جي قيمت ۾ ڪنهن به قسم جو اضافو ناهي ڪي?? ويو ۽ انهن جي پراڻي قيمت ئي 31 جنوري 2017ع تائين بحال رکي وئي آهي. وفاقي وزير چيو ته حڪومت اوگرا جي تجويز تي 92 رون پيٽرول جي قيمت ۾ هڪ رپيو 77 پئسا في ليٽر جي اضافي جو فيصلو ڪي?? جڏهن ته هائي اسپيڊ ڊيزل جي قيمت ۾ 2 رپيا في ليٽر جو اضافو ڪي?? ويو آهي جڏهن ته اوگرا پاران قيمتن ۾ اضافي جي سفارش جي ابتڙ قيمتن ۾ اڌ اضافو ڪي?? ويو آهي.
اسحاق ڊار پارانن پيٽروليم مصنوعات جي نئين قيمتن جو اعلان
مضمون کا ماخذ : نتیجہ لوٹومینیا