اسلام ??با?? – 29 جولاءِ (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته حڪومت ملڪي ۽ مخالف ڌر ذاتي مفادن ۾ ترميمون چاهي ٿي، حڪومت ڪنهن کان بليڪ ميل نه ٿيندي، مخالف ڌر پاڪستان جي خيرخواهه آهي ته ملڪي مفاد ۾ قو??ي اسيمبلي ۾ متعارف ڪرايل بلز جي حمايت ڪري، ڀارت پاڪستان کي بليڪ لسٽ ۾ ڌڪڻ چاهي ٿو، گري لسٽ مان ڪڍڻ يا رهڻ جو فيصلو آڪٽوبر ۾ ٿيندو، ڪنهن کي رعايت ڏيڻ جو مق??د نه آهي جيڪو ڪندو اهو ڀريندو، عمران خان 22 سالن کان ڪرپشن جي خلاف جدوجهد ڪري رهيو آهي، مسلم ليگ (ن) جي قائد سان 2013ع ۾ ملاقات ۾ مون کي پرڏيهي وزارت جي آڇ ڪئي وئي هئي. پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته قو??ي اسيمبلي ۾ اڄ انتهائي اهم بلز پاس ڪيا ويا. پاڪستان کي گري لسٽ مان ڪڍڻ ۽ وائٽ لسٽ ۾ آڻڻ اسان جو عزم آهي. هن چيو ته ڀارت اسان کي بليڪ لسٽ ۾ ڏسڻ چاهي ٿو ته جيئن اسان تي پابنديون لڳن ۽ پاڪست??ن مشڪلاتن جو شڪار ٿئي، ان صورتحال کي سامهون رکندي اسان کي ٽائيم بارڊ بلز تي قانونسازي ڪرڻ گ??رب?? هئي ته جيئن اسان جي رپورٽ ايشيا پيسفڪ گروپ ڏانهن موڪلي سگهجي ۽ اڳتي پليمنري اجلاس ۾ پيش ڪري سگهجي. اس??ن مخالف ڌر ان قانونسازي جي دعوت ڏني پر هن ان کي نيب قانون جي ترميم س??ن مشروط ڪيو. اسان انهن کي مسودو پيش ڪيو جيڪو انهن کي پسند نه آيو جيڪو انهن مسودو پيش ڪيو ان ۾ هنن 34 ترميمن جو مطالبو ڪيو.
حڪومت ملڪي ۽ مخالف ڌر ذاتي مفادن ۾ ترميمون چاهي ٿي: شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : میگا سینا آن لائن