اسل??م آباد – پهرين آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ??ئون چونڊيل وزيراعظم آهيان ڪنهن جي همت ناهي جو هُو مون کان استعيفا وٺي، نواز شريف خطرناڪ راند کيڏي رهيو آهي جيڪڏهن اسان مخ??لف ڌر جي بليڪ ميلنگ ۾ آياسين ته نسلون معاف نه ڪنديون، مشن کڻي سياست ۾ آيو آهيان، حڪومت ۽ فوج جي وچ ۾ بهترين لاڳاپا آهن، مخ??لف ڌر وٽ ڪوبه اخلاقي جواز ناهي، مخ??لف ڌر مال ٺاهڻ جي لاءِ اقتدار ۾ ايندي آهي، اسان عدليه ۽ نيب تي ڪو به دٻاءُ ناهي وڌو، نيب اسان جي وزيرن کي به گهرايو جنهن تي اعتراض ناهي، نجي ٽي وي چئنل کي پنهنجي خصوصي انٽرويو ۾ هن چيو ته ??سان مشڪل حالتن ۾ اقتدار سنڀاليو، معيشت ويٺل هئي، اسان جي خلاف پروپيگنڊا ڪئ?? وئي، تنقيد ڪئ?? وئي، صحافين مشڪل وقت ۾ ملڪي مفادن جي تحفظ لاءِ وڏو ڪردار ادا ڪيو، وزيراعظم چيو ته ڪجهه ميڊيا هائوسز جو ڪردار سٺو رهيو ۽ ڪجهه جو سٺو نه رهيو، هن چيو ته ??رمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه مون کان پڇي سياستدانن سان گڏجاڻي ڪئي، هن چيو ته فوج منهنجي لاءِ اثاثو آهي، سينيٽ چونڊن ۾ ڪاميابي سان قانونسازي ۾ آساني ٿيندي، وزيراعظم چيو ته ڀارت نواز شريف جي مدد ڪري رهيو آهي
آئون چونڊيل وزيراعظم آهيان ڪنهن جي همت ناهي جو هُو مون کان استعيفا وٺي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : números quina hoje