وانا – 20 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڏکڻ وزيرستان ۾ ٿري جي ۽ فور جي انٽرنيٽ سروس کولڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته دهشتگردي ۾ قبائلي ضلعا سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيا ??هن?? نوجوانن کي روزگار جي فراهمي اولين ترجيح آهي، قبائلي ضلعن ۾ اسڪول، ٽيڪنيڪل ڪاليج ۽ يونيورسٽيون ٺاهينداسين، ڏکڻ وزيرستان ??ي عوام جي لاءِ تعليم ۽ روزگار وڏا چئلينج ??هن?? عوام کي علاج جي سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ هيلٿ ڪارڊ ڏينداسين، قبائلي علائقن ۾ زيتون جي پوک جو انقلاب آڻي رهيا آهيون، احساس پروگرام تحت غريب ۽ مستحق ماڻهن کي مالي مدد فراهم ڪئي ويندي، ڀارتي حڪومت پاڪستان ۾ مسلسل ان??شار پکيڙڻ جي پويان آهي، پي ٽي آءِ حڪومت جو فلسفو آهي ته پوئتي پيل طبقن ۽ پسمانده علائقن کي ترقي ڏني وڃي، وقت ثابت ڪندو ته قبائلي علائقن جي ان??مام جو فيصلو بهترين فيصلو هو. اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم عمران خان ڪام??اب جوان پروگرام تحت چيڪ ورهائڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.
دهشتگردي ۾ قبائلي ضلعا سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيا آهن، نوجوانن کي روزگار جي فراهمي اولين ترجيح آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : سٹاربرسٹ