اسلام آباد – 11 فيبروري (اي پي پي) وزيرا??ظم عمران خان چيو آهي ته گلگت بلتستان ۾ سياحت جي بي پناهه صلاحيت موجود آهي، حڪومت عالمي سياحت ۽ ونٽر راندين جي فروغ لاءِ قدم کڻي رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن گلگت بلتستان جي وڏي وزير خالد خورشيد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وزيرا??ظم چيو ته حڪومتي قدمن جي ڪري گذريل ٽن سالن ۾ مقامي سياحت کي فروغ مليو آهي. حڪومت گلگت بلتستان ۾ سياحن کي عالمي معيار جي سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي. ملاقات ۾ ناڻي وارو وزير شوڪت فياض تري?? ۽ ??ياحت بابت خاص مددگار ا??ظم جميل به موجود هئا. ملاقات ۾ گلگت بلتستان ۾ سياحت جي فروغ لاءِ منصوبن ۽ گلگت بلتستان ويزن 2050ع تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.
مضمون کا ماخذ : ایشیا ڈریگن