اسلام آباد – 16 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي بينظير انڪم سپورٽ پروگر??م جي بورڊ جي نئين سر جوڙجڪ جي منظوري ڏني آهي. ايوان صدر جي پر??س ونگ پاران جاري بيان موجب بورڊ جي 11 ميمبرن مان ٻه ميمبر تبديل، باقي 9 وڌيڪ ٽن سالن تائين خدمتون سرانجام ڏيندا. ثانيه رفعت ۽ عثمان حسن کي پرائيويٽ ميمبر طور بورڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي. خاور ممتاز بدران ثانيه رفعت ۽ قاضي عظمت عيسيٰ جي جڳهه تي عثمان حسن بورڊ جا ميمبر مقرر ڪيا ويا آهن. صدر بورڊ جي نئين سر جوڙجڪ جي منظوري بينظير انڪم سپورٽ پروگر??م ايڪٽ جي سيڪشن 5 تحت ڏني. بورڊ جي نئين سر جوڙجڪ جي منظوري غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ ڊويزن جي سفارشن تي ڏني وئي. صدر عارف علوي بينظير انڪم سپورٽ پروگر??م جو چيف پيٽرن آهي.
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کی دستیابی