اسلام آباد – 25 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي ??زير بلاول ڀٽو زرداري ڊيووس ۾ عالمي اقتصادي فورم جي سالياني اجلاس جي موقعي تي پنهنجي آسٽريليا جي هم منصب اليگزينڊر شلن برگ سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پرڏيهي ??زير چيو ته پاڪستان آسٽريليا سان پنهنجي ٻطرفن لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، جيڪو يورپي يونين جو اهم ميمبر آهي. ٻنهي ??رڏيهي ??زيرن پاڪستان آسٽريليا لاڳاپن جي سمورن رخن تي خيالن جي ڏي وٺ سان گڏوگڏ عالمي ۽ علائقائي صورتحال تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي ??زير اميد ظاهر ڪئي ته ٻئي ملڪ واپار ۽ سيڙپڪاري، اعليٰ تعليم، قابل تجديد توانائي، سياحت ۽ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي سميت مختلف ??عبن ۾ وسيع تعاون جي لاءِ گڏجي ڪم ڪندا. پرڏيهي ??زير بلاول ڀٽو زردا??ي ملاقات ۾ ٻنهي ??لڪن جي وچ ۾ اعليٰ سطح تي مٽاسٽا سان گڏوگڏ پارلياماني رابطن کي وڌائڻ جي خواهش جو پڻ اظهار ڪيو.
پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي آسٽريليا جي هم منصب اليگزينڊر شلن برگ سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : loterias da caixa