اسلام آباد – 14 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪ فضائيه ۾ 75 هون آزادي جو ڏهاڙو قوم سان گڏ روايتي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو. ڏينهن جي شروعات پاڪ فضائيه جي سمورين مسجدن ۾ فجر جي نماز کانپوءِ خ??وصي دعائن سان ٿ?? جنهن ۾ ملڪي سلامت??، ??رقي ۽ خوشحالي جي لاءِ خ??وصي دعا ڪئي وئي. پاڪ فضائيه جي ترجمان موجب ان ڏينهن کي شاندار طريقي سان ملهائڻ جي لاءِ ايئر هيڊڪوارٽر اسلام آباد ۾ پرچم ڪشائي جي تقريب منعقد ڪئي وئي. ايئر وائيس م??رشل محمد نديم صابر ستاره امتياز (ملٽري)، انسپيڪٽر جنرل پاڪستان ايئر فورس پرچم ڪشائي ڪئ?? جنهن کانپوءِ تقريب ۾ موجود سموري عملي پوري قوم سان هم آواز ٿي قومي ترانو ڳايو. بعد ۾ پاڪ فضائيه جي سربراهه ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سڌو نشان امتياز (ملٽري) جو آزادي جي ڏهاڙي جي حوالي سان پيغام پڙهي ٻڌايو ويو.
مضمون کا ماخذ : پاکستان کی لاٹری کی تاریخ