نيويارڪ – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراع??م محمد شهباز شريف گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙ مملڪتي ۽ حڪومتي سربراهن جي مان ۾ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس پاران ڏنل آجياڻي ۾ شرڪت جي لاءِ گڏيل قومن جي هيڊڪوارٽرز پهچي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراع??م محمد شهباز شريف اڄ اڱاري ڏينهن نيويارڪ ۾ مصروف ڏينهن گذاريندو ۽ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙ مملڪتي ۽ حڪومتي سربراهن جي مان ۾ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس پاران ڏنل آجياڻي ۾ شرڪت ڪندو. وزيراعظم گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس جي اعليٰ سطحي بحث مباحثي جي افتتاحي اجلاس ۾ شرريڪ ٿيندو. وزيراعظم فرانس جي صدر ايمنوئل ميڪرون، آسٽريا جي فيڊرل چانسلر ڪارل نيهمر، اسپين جي صدر ??يڊ??و سنچيز پيريز – ڪاسٽي جون ۽ ايران جي صدر سيد ابراهيم رئيسي سان جدا جدا ملاقاتون ڪندو. وزيراعظم دي ٽائيمز سينٽر جو دورو ڪندو ۽ نيويارڪ ٽائيمز جي ادارتي بورڊ سان انٽرويو ۾ شريڪ ٿيندو. جڏهن ته وزيراعظم سان آمريڪا جو موسمياتي تبديلي بابت ??اص نمائندو جان ڪيري ملاقات ڪندو.
وزيراعظم گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي آجياڻي ۾ شرڪت جي لاءِ گڏيل قومن جي هيڊڪوارٽرز پهتو
مضمون کا ماخذ : ہرکیولس اور پیگاسس