اسلام آباد-25 جنوري (اي پي پي) پاڪستان جي قومي سلامتي جي ادارن جي وڏي ڪاميابي، انڊيا جي هڪ ٻئي فالس فليگ آپريشن جو منصوبو ظاهر ڪيو ويو، ڀارتي يومِ جمهو??يه جي موقعي تي والاريل ڪشمير ۾ مب??نه دراندازي جو ڊرامو لائن آف ڪنٽرول جي پونچ سيڪٽر ۾ پلان ڪيو ويو، پاڪستان انٽيليجنس ادارن ڀارتي منصوبي جي ٽن اهم ڪردارن جو پڻ پتو لڳائي ورتو، انڊيا جي 93 انفينٽري برگيڊ جو ايجنٽ بشر ۽ ٻه ساٿي عالم، اسلم فالس فليگ آپريشن جا مرڪزي ڪردار آهن. ڀروسي جوڳن ذريعن مطابق پاڪستان جي انٽيليجنس ادارن جي وڏي ڪاميابي، مودي سرڪار جي نئين ڊرامي جو پورو اسڪرپٽ حاصل ڪري ورتو. ڀارتي يومِ جمهو??يه جي موقعي تي والاريل ڪشمير ۾ مب??نه دراندازي جو ڊرامو تيار ڪيو ويو آهي. منصوبي تحت ??شير ڪجهه مقامي ماڻهن کي استعمال ڪري جشڪوال، آزاد ڪشمير سائيڊ کان بم يا آءِ ڊيز لڳائي والاريل ڪشمير ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪرڻي آهي. ڪنهن مسجد جي ويجهو ان ڪارروائيءَ کي ناڪام بڻائي ڏيکاريو ويندو. منصوبي تحت ڀارتي فوج ۽ پوليس جعلي برآمدگي پڻ ظاهر ڪندي. ڊي ايس پي پريشنا ان فالس فليگ آپريشن کي سپروائيز ڪري رهيو آهي، منصوبي ۾ 93 برگيڊ جي ڊوگر ارجمنٽ جي جٿن کي گهات لڳائي ??علي ريڪوري ڏيکارڻي آهي. فالس فليگ آپريشن جو مقصد والاريل ڪشمير ۾ دراندازيءَ جو الزام لڳائي ??نيا ۾ پروپيگنڊا ڪرڻ آهي، پاڪستاني انٽيليجنس ادارن سڄو منصوبو اڳواٽ بي نقاب ڪري مودي سرڪار کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو.
پاڪستان جي قومي سلامتي جي ادارن جي وڏي ڪاميابي، انڊيا جي هڪ ٻئي فالس فليگ آپريشن جو منصوبو ظاهر ڪيو ويو، ڀارتي يومِ جمهوريه جي موقعي تي والاريل ڪشمير ۾ مبينه دراندازي جو ڊرامو لائن آف ڪنٽرول جي پونچ سيڪٽر ۾ پلان ڪيو ويو: سيڪيورٽي ذريعا
مضمون کا ماخذ : ہرکیولس اور پیگاسس