اسلام آباد – 16 مارچ (اي پي پي) قانون ۽ انصاف واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته پاڪستان ۾ جمهوري نظام جي استحڪام، قانون جي حڪمراني ۽ آئين جي بالادستي لاءِ سي??يٽ آف پاڪستان پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو، دنيا ماحولياتي گدلاڻ ۾ پاڪستان جو هڪ سيڪڙو به ڪردار نه هجڻ جي باوجود هن جي متاثر ٿيڻ جو ازالو ڪري ۽ پاڪستان سان ??ڏ بيهي. قانون واري وزير سي??يٽ جي گولڊن جوبلي تقريبون منعقد ڪرڻ تي مبارڪون ڏيندي چيو ته انهن تقريبن جي موقعي تي معاشري جي مختلف طبقن جي نمائندن جا خيال ٻڌڻ جو موقعو مليو ??هي?? مشهور ڪاروباري شخصيتن، ناميارن وڪيلن ۽ صحافين جا خيال ٻڌڻ جو موقعو ميسر آيو، هن ايوان کي ڪميٽي آف دي هول ۾ تبديل ڪرڻ جو تصور بهترين هو ۽ سمورن مهمانن کي هتي پنهنجي خيالن جو اظهار جو موقعو ڏيڻ اهم قدم ??هي?? سي??يٽ چيئرمين سڀني کي گڏجي ويهڻ جو موقعو ڏنو ته هو هتي ويهي سي??يٽ آف پاڪستان جي 50 سالا تاريخ جو جائزو وٺن ۽ بطور قوم هتي جيڪي مسئلا درپ??ش آهن انهن کي بحث هيٺ آڻين. هن چيو ته پاڪستان ۾ جمهوري نظام جي استحڪام، قانون جي حڪمراني، آئين جي بالادستي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو، سي??يٽ جو ڪردار عالمي فورمن تي نمايان رهيو ??هي?? پنهنجي موقف کي بيان ڪيو، هن چيو ته عالمي برادري کي اسلام آباد ۾ موجود سف??رتڪارن جو هڪ وڏو تعداد هتي موجود آهي ان جي موجودگي جو فائدو کڻندي آئون عالمي سطح تي ماحولياتي تبديلين جي چئلينجن جو ذڪر ڪندس، گذريل گرمين ۾ پاڪستان جي مختلف علائقن ۾ ان جي ڪري ٻوڏ آئي، آئون عالمي سطح تي هي معاملو اڪثر اٿاريندو رهيو ??هي??ن ته پاڪستان جو عالمي گدلاڻ ۾ هڪ سيڪڙو به حصو ناهي پر اسان ان جي وڏي قيمت ادا ڪئي آهي. اسان عالمي برادري کان مطالبو ڪريون ٿا ته اڳتي وڌي ۽ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ۽ پاڪستان سان ??ڏ بيهي، اسان سڀني کي پاڪستان سان ??ڏ بيهڻو پوندو، پاڪستان لاءِ هي مشڪل وقت ??هي?? پاڪستان جي عوام ۽ مملڪت پاڪستان جي بهتري لاءِ اسان سڀ ??ڏ بيٺل آهيون.
جمهوري نظام جي استحڪام، قانون جي حڪمراني ۽ آئين جي بالادستي لاءِ سينيٽ آف پاڪستان پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو: اعظم نذير تارڙ
مضمون کا ماخذ : منی ٹرین 2