اسلام آباد- 10 جون (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمداسحاق ڊار چيو آ??ي ته حڪومت ايندڙ مالي سال 24-2023ع دوران ورڪنگ جرنلسٽ هيلٿ انشورنس ڪارڊ ۽ آرٽسٽ هيلٿ انشورنس ڪارڊ جاري ڪندي. نجي ??يوز چئنل سان ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته رٽائرڊ وفاقي سرڪاري ملا??من جي ??ينشن ۾ به 17.5 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ سينيٽر محمداسحاق ڊار چيو ته حڪومت وفاقي سرڪاري ملا??من کي ايڊهاڪ رليف الائونس جي شڪل ۾ گريڊ هڪ کان 16 تائين لاءِ 35 سيڪڙو جڏهن ته گريڊ 22-17 تائين لاءِ 30 سيڪڙو جو رليف ڏنو پيو وڃي. انڪم ٽيڪس گوشوارا جمع نه ڪرائيندڙن جي حوالي سان وفاقي وزير ٻڌايو ته حڪومت انهن طرفان روڪ رقم ڪڍرائڻ تي وڌ هولڊنگ ٽيڪس ٻيهر لاڳو ڪيو آهي. پگهاردار طبقي لاءِ رليف قدمن جو اعلان ڪندي اسحاق ڊار چيو ته حڪومت وڌندڙ مهانگائي سبب انهن جي ??الي مشڪلاتن جو احساس ڪندي پگهارن ۾ ايڊهاڪ بنيادن تي 30 کان 35 سيڪڙو ۽ وفاقي سرڪاري ملا??من جي ??ينشن ۾ 17.5 سيڪڙو اضافي جي تجويز آهي. هن چيو ته ايڊهاڪ رليف ڏيڻ جو مقصد خريداري جي ??وت ۾ اضافو ڪرڻ آهي. هن چيو ته اسلام آباد ڪيپيٽل ٽيريٽري (آءِ سي ٽي) ۾ گهٽ ۾ گهٽ پينشن کي 12 هز??ر روپيا ۽ گهٽ ۾ گهٽ ماهوار ڏهاڙي 25 هز??ر روپين کان وڌائي 32 هز??ر روپيا ڪرڻ جي تجويز کي به بجيٽ ۾ شامل ڪيو ويو آهي.
عملي صحافين ۽ فنڪارن لاءِ هيلٿ انشورنس ڪارڊ جاري ڪيا ويندا: محمد اسحاق ڊار
مضمون کا ماخذ : الوہا کلسٹر ادائیگی کرتا ہے۔